پريالوء ٿاڻي جي حد اندر گذريل 24 ڪلاڪن دوران چوريءَ جون ڪيترين ئي وارداتون سامهون آيون آهن، جڏهن ته پوليس طرفان ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سبب شهرين ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي۔پريالوء شهر جي مڙهي واري مندر امرلعل درٻار ڀرسان، رات دير سان نامعلوم چورن هڪ دوڪان جا تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي روڪ رقم سميت لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، حيرت انگيز طور واقعي وقت ٻه پوليس اهلڪار به موجود هئا۔واقعي خلاف متاثر دوڪاندارن ۽ شهرين غلام حسين چنو، عبدالرزاق چنو سميت ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پريالوء پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔مظاهرين پوليس جي نااهلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن جي موجودگي باوجود اهڙي واردات پيش اچڻ قانون جي رِٽ تي وڏو سوال آهي۔ احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔شهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر چوري ٿيل سامان واپس نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو۔ شهرين وڌيڪ مطالبو ڪيو آهي ته وڌندڙ چورين کي روڪڻ لاءِ گشت وڌايو وڃي ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي۔
