اسپين جي ڏکڻ واري علائقي ۾ هڪ هاءِ اسپيڊ ٽرين پٽري تان لهي ٻي مخالف ٽرين سان ٽڪرائي وئي، جنهن سبب 39 ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔حادثي ۾ ٻئي ٽرينن کي شديد نقصان پهتو ۽ ٽرين جو ڊرائيور به فوت ٿي ويو۔ حادثي جي وقت هڪ ٽرين ۾ تقريباً 300 ۽ ٻي ۾ 100 مسافر سوار هئا، ٽرين ميڊرڊ کان هيولوا وڃي رهي هئي اسپين جي سول گارڊ ۽ سول ڊفينس جا اهلڪار رات جو امدادي ڪارروايون جاري رکيون، ۽ هسپانوي ريڊ ڪراس اداموز ڳوٺ ۾ امدادي مرڪز قائم ڪيو۔ ميڊرڊ ۽ اندلس جي وچ ۾ سڀئي ٽرين سروسز اڳوڻي نوٽيس تائين معطل ڪيون ويون آهن۔
