ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي ۾ جنگلات ۾ لڳندڙ شديد باهه وڏي تباهي آڻي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي علائقو ڇڏڻو پيو آهي۔رائٽرز موجب، حالتن کي ڏسندي صدر گيبريل بورڪ نيوبلي ۽ بيو بيو علائقن ۾ ايمرجنسي (اسٽيٽ آف ڪيٽاسٽروفي) لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي
چلي جي جنگلات کاتي ڪوناف مطابق ملڪ ۾ 24 سرگرم باهه جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ باهه نيوبلي ۽ بيو بيو ۾ آهي۔صدر بورڪ ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 8,500 هيڪٽر زمين باهه جي لپيٽ ۾ اچي چڪي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ آباديون متاثر ٿيون آهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي
قدرتي آفتن جي اداري سيناپريڊ موجب گهٽ ۾ گهٽ 250 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سخت گرمي ۽ تيز هوائون باهه کي وڌيڪ وڌائي رهيون آهن۔
