فيصل آباد ملڪ پور ۾ ڪيميڪل فئڪٽري ۾ ڌماڪو 20 ڄڻا فوت 4 خاندان اجڙا

جمعي ڏينهن فيصل آباد جي ملڪ پور علائقي ۾ هڪ ڪيميڪل فئڪٽري ۾ گئس جي ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا.حادثي جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڊي جي انڊسٽريز پنجاب جي 4 رڪني انڪوائري ڪميٽي چيو آهي ته فئڪٽري جي مالڪ وفاقي حڪومت کان اين او سي حاصل نه ڪئي هئي، ۽ فئڪٽري ۾ آتشگير مواد ذخيره ڪيو ويو هو. ڪميٽي موجب حادثو غفلت ۽ غير تربيت يافته عملي سبب ٿيو، جڏهن ته گئس سلنڊر ۾ ليڪج ۽ شارٽ سرڪٽ سبب ڪيميڪلز ۾ باهه لڳي. فئڪٽري ۾ بوائلر به موجود نه هو ۽ مختلف قسم جا ڪيميڪلز استعمال ڪيا ويندا هئا۔فئڪٽري ڌماڪي جي مقدمات ٿانهه منصور آباد ۾ انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ سميت 9 دفعات هيٺ درج ڪيا ويا، جنهن ۾ فئڪٽري مالڪ قيصر چغتائي ۽ 6 ٻيا عملي شامل آهن۔ منيجَر بلال، خانساماں خالد، ورڪر زين ۽ عطا محمد گرفتار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته قيصر چغتائي پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيو۔حادثي ۾ 4 خاندان مڪمل طور اجڙا ٿي ويا آهن، فوت ٿيلن ۾ عورتون، ٻار ۽ هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو شامل آهن. انهن مان 62 ساله شفيق، سندس زال، هڪ پٽ، 3 پوٽا ۽ هڪ پوٽي شامل هئا۔ ٻئي خاندان ۾ ماءُ، ٽي ڌيئرون ۽ هڪ پٽ فوت ٿيا، جڏهن ته ٽئين خاندان ۾ والد ۽ ٽي پٽ ڌماڪي جا شڪار ٿيا، ۽ فئڪٽري جا ٻه مزدور ڀائر پڻ فوت ٿيا۔

پنھنجي راءِ لکو