ڪسٽمز انفورسمنٽ ڪراچي جي ميرين يونٽ کليل سمنڊ ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي غير ملڪي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي۔ ڪارروائي دوران لانچن الغفوري ۽ الڪبير مان مجموعي طور 38 هزار 265 ليٽر ڊيزل هٿ ڪيو ويو۔ڪليڪٽوريٽ آف ڪسٽمز انفورسمنٽ موجب ميرين يونٽ ڪراچي مصدقہ اطلاع تي بلوچستان جي ساحلي پٽي ويجهو کليل سمنڊ ۾ آپريشن ڪيو، جنهن جو مقصد غير قانوني طور هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اسمگلنگ روڪڻ هو۔آپريشن دوران بلوچستان جي ساحلي علائقي مالان ويجهو ٻه لانچون الغفوري ۽ الڪبير روڪيون ويون۔ جاچ دوران لانچ الغفوري مان 18 هزار 100 ليٽر ۽ لانچ الڪبير مان 20 هزار 165 ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل هٿ ڪيو ويو۔ميرين يونٽ موجب ٻنهي لانچن کي قبضي ۾ وٺي ورتو ويو آهي، جڏهن ته ضبط ٿيل ڊيزل ۽ لانچن جي گڏيل ماليت لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ رپيا آهي۔ جوابدارن خلاف ڪسٽمز ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي جاري آهي۔
