ڪسٽمز انفورسمنٽ رکني وڏي ڪارروائي ڪندي غير ملڪي سگريٽن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪار سميت لڳ ڀڳ ٽهہ ڪروڙ پنجاسي لک روپين جي سگريٽن کي ضبط ڪيو ويو۔لڪٽوريٽ آف ڪسٽمز (انفورسمنٽ) ڪوئيٽه جي ماتحت فيلڊ انفورسمنٽ يونٽ رکني ڪارروائي ڪندي ڪوئلي هيٺان لڪيل غير ملڪي سگريٽن جي وڏي مقدار هٿ ڪري ورتي۔ايف بي آر ترجمان موجب رکني جي ڀرسان هڪ هينو ٽرڪ جي جاچ دوران غير ملڪي سگريٽن جا 188 ڪارٽن هٿ آيا، جن جي ماليت تقريباً ٻه ڪروڙ پينتاليھ لک رپيا ٻڌائي وئي آهي۔ترجمان موجب اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيل گاڏي سميت ضبط ٿيل سامان جي گڏيل ماليت ٽهہ ڪروڙ پنجاسي لک روپيا آهي۔ ضبط ٿيل سامان ۽ ٽرڪ کي ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽمز گودام منتقل ڪيو ويو آهي۔ايف بي آر ترجمان وڌيڪ چيو ته ايف بي آر اسمگلنگ جي روڪٿام، قومي محصول جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ قانوني واپار جي واڌاري لاءِ پرعزم آهي۔
