نادرا پاران ڪراچي ويسٽ سميت سنڌ جي وڌيڪ ضلعن ۾ يونين ڪائونسل آن لائن اندراج جي سهولت شروع

يشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ يونين ڪائونسل جي آن لائن اندراج جي سهولت متعارف ڪرائي آهي۔ نادرا موجب شهري هاڻي پاڪ آءِ ڊي ايپ ذريعي پيدائش، وفات، شادي ۽ طلاق جو اندراج گهر ويٺي ڪرائي سگهن ٿا۔نادرا جو چوڻ آهي ته هي سهولت هاڻي سنڌ جي 10 ضلعن ۾ موجود آهي، جن ۾ ڪراچي اوڀر، ڪراچي وچولو، ڪراچي ويسٽ، نوشهرو فيروز، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن۔ان کان علاوه پنجاب جي سڀني ضلعن ۽ بلوچستان جي ضلعي ڪوئٽه ۾ پڻ يونين ڪائونسل جي آن لائن اندراج جي سهولت موجود آهي۔ شهري گهربل دستاويز مڪمل ڪري پاڪ آءِ ڊي ايپ ذريعي درخواست جمع ڪرائين ۽ گهر ويٺي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن۔نادرا موجب ٻين علائقن ۾ به هن سهولت تي ڪم جاري آهي ۽ جلد هي سهولت سڄي پاڪستان ۾ دستياب هوندي

پنھنجي راءِ لکو