وزيراعظم جي خاص معاون براءِ صنعت ۽ پيداوار هارون اختر پگهارن ۾ واڌ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت خوشخبري ٻڌائي آهي۔ هارون اختر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پيداوار واري شعبي تي مثبت اثر پيا آهن هن ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي پهرين مائڪرو اڪنامڪ نمائش ڪرائڻ وڃي رهيو آهي، جيڪا 24 کان 26 جنوري تائين لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندي۔ هي نمائش پاڪستان جي سڀ کان وڏي مائڪرو، اسمال ۽ ميڊيم انٽرپرائز ايڪسپو هوندي۔هارون اختر چيو ته حڪومت پيداوار واري شعبي ۽ مائڪرو، اسمال ۽ ميڊيم انٽرپرائزز جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته معيشت لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، پر اڄ انهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن۔سندس چوڻ مطابق اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخي واڌ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، جڏهن ته پاليسي ريٽ ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي۔ هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب انڊسٽريل پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندوهارون اختر وڌيڪ چيو ته توانائي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ عوام جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي ويندي، جنهن سان ماڻهن جي خريداري طاقت بهتر ٿيندي۔
