ڪراچي کي وفاق جو حصو بڻايو وڃي 18هين ترميم ختم ڪئي وڃي مصطفیٰ ڪمال

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير صحت مصطفیٰ ڪمال ڪراچي کي وفاق جي انتظام هيٺ آڻڻ ۽ 18هين آئيني ترميم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 18هين ترميم عوام لاءِ فائدي مند ثابت نه ٿي، پر هاڻي هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي۔ا مصطفیٰ ڪمال چيو ته وفاق آئين جي آرٽيڪل 148 ۽ 149 تحت پنهنجا اختيار استعمال ڪري ۽ ڪراچي کي وفاق جو حصو بڻايو وڃي۔ سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي بچائڻ ۽ صحيح نموني هلائڻ لاءِ 18هين ترميم جو خاتمو انتهائي ضروري آهي۔هن الزام هنيو ته 18هين ترميم ذريعي صوبن کي جيڪي ناجائز اختيار ڏنا ويا، اهي عوام لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيا آهن۔ مصطفیٰ ڪمال موجب سنڌ ۾ هي ترميم “جمہوري دهشتگردي” جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ نسل ڪشي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن کي فوري ختم ڪيو وڃي۔ايم ڪيو ايم اڳواڻ گل پلازا آتشزدگي واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو کين شديد افسوس آهي ۽ هو متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهن۔ هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته اڄ ڪراچي جي صورتحال اهڙي نه هجي ها۔مصطفیٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته شفاف مردم شماري کان سواءِ حقيقي نمائندگي ممڪن ناهي۔ هن چيو ته وزيراعظم به چاهيندي سنڌ لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهي، ڇو ته پيپلز پارٽي ناراض ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري رياستي ادارا اڳتي وڌن ۽ 18هين ترميم ختم ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو