گل پلازہ سانحي کان پوءِ پرائيويٽ اسڪولن لاءِ فائر سيڪيورٽي هدايتون لازمي

سندھ جي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گل پلازہ سانحي کان پوءِ صوبي جي سڀني پرائيويٽ اسڪولن لاءِ سخت فائر سيڪيورٽي هدايتون جاري ڪيون آهن۔ نوٽيفڪيشن موجب اسڪولن ۾ فائر الارم، اسموڪ ڊٽيڪٽرز، فائر ايڪسٽيگوئشرز لڳائڻ لازمي هوندو، هنگامي رستا کليل رکڻا، سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فائر ڊرل ڪرائڻيون، ۽ استاد و عملو تربيت حاصل ڪندو. هدايتن جي خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو