لاهور هاءِ ڪورٽ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جي حوالي سان وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان جواب طلب ڪيو آهي عدالت 10 فيبروري تائين جواب جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته اها پاليسي حڪومت جي ذميواري آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فلڪ ناز به 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا، خاص طور تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو مطالبو ڪري چڪي آهي. آسٽريليا پهريون ملڪ آهي جنهن 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته والدين ۽ ٻارن جي حقن وارا سرگرم ڪارڪن هن اقدام کي خوش آئند قرار ڏئي رهيا آهن، پر وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ۽ اظهار جي آزادي جا حامي تنقيد ڪري رهيا آهن.
