ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل 4 ارب 5 ڪروڙ جي پلي بارگين ڪندڙ ڊمپر ڊرائيور کي رليز

ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار ڊمپر ڊرائيور ممتاز نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو (نيب) سان 4 ارب 5 ڪروڙ روپين جي پلي بارگين ڪئي، جنهن کي احتساب عدالت جي جج محمد ظفر باضابطه طور تي تصديق ڪئي. عدالت جي تصديق کان پوءِ ملزم کي رليز ڪيو ويو. تحقيق دوران ممتاز جا اربين روپين جا اثاثا سامهون آيا، جنهن ۾ بينڪ اڪائونٽس، جائدادون، گاڏيون، سون ۽ نقد رقم شامل آهن. نيب موجب پلي بارگين تحت ملزم جون ذميواريون ۽ جرمانا طئي ڪيا ويا. ان کان اڳ ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ٻين ملزمان نيب کي 15 ارب کان وڌيڪ پلي بارگين جون درخواستون ڏنيون هيون.

پنھنجي راءِ لکو