وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيني دوا ساز ڪمپني هواهُوئي هيلٿ هيپاٽائٽس ڊيلٽا علاج HH-003 بابت آگاهي ڏني، جيڪا عالمي ڪلينڪل ٽرائلز کانپوءِ چين ۾ منظور ٿي چڪي آهي ۽ آمريڪي اداري ايف ڊي اي پاران بریک ٿرو ٿراپي جو درجو پڻ حاصل ڪري چڪي آهي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستاني دوا ساز ڪمپنين سان گڏجي جديد حياتياتي دوائن جي مقامي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي فروغ ڏنو ويندو۔ وزير صحت موجب هيپاٽائٽس بي سان متاثر مريضن ۾ ڊيلٽا وائرس هڪ سنگين صحت مسئلو بڻجي رهيو آهي، جيڪو جگر جي ڪينسر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو۔حڪومت دوا جي سستي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ فیز ٿري ڪلينڪل ٽرائلز جي عمل کي تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ته جيئن جديد علاج جلد مريضن تائين پهچي سگهي۔
