قيمتي پٿرن جي برآمدات هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو حڪومتي فيصلو

وفاقي حڪومت ايندڙ پنجن سالن دوران قيمتي پٿرن ۽ زيورن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ نئين پاليسي جو ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تحت برآمدات کي هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب پاليسي بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ جلد ئي ان کي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو۔ پاليسي تحت صنعت جي واڌ لاءِ هزارين ورڪرن کي تربيت ڏيڻ ۽ مقامي توڙي عالمي نمائشون منعقد ڪرڻ جو به منصوبو شامل آهي۔دستاويز موجب صنعت کي جديد بڻائڻ لاءِ نيون مشينون مهيا ڪيون وينديون ۽ ايندڙ سالن ۾ هن شعبي جي ترقي لاءِ اربين رپين جو بجيٽ به رکيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو