شادي هال ۾ 12 ورهين جي ٻار کي پڪڙڻ تي ڌاڙيلن جي فائرنگ، ٽي باراتي زخمي

سيالڪوٽ: شادي هال اندر ڊڪيتي جي ڪوشش دوران 12 ورهين جي ٻار کي پڪڙڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي باراتي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌاڙيل ٻار کي ڇڏائي فرار ٿي ويا۔ميڊيا رپورٽن موجب ڌاڙيل هاڻي ڊڪيتيون ڪرائڻ لاءِ گهٽ عمر ٻارن جو استعمال به ڪرڻ لڳا آهن. اهڙو ئي واقعو سيالڪوٽ جي ٿاڻي اگوڪي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي ڌاڙيلن هڪ 12 ورهين جي ٻار کي شادي هال اندر ڊڪيتي لاءِ موڪليو، جڏهن ته پاڻ ٻاهر انتظار ڪندا رهيا۔ذريعن موجب ٻار هڪ عورت جو پرس کسي ٻاهر ڀڳو، جنهن تي شادي هال ۾ موجود باراتين کيس پڪڙي ورتو۔ صورتحال ڏسندي ئي ٻاهر موجود ڌاڙيل شادي هال ۾ داخل ٿيا ۽ ٻار کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي۔جڏهن ڌاڙيل پنهنجي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيا ته هنن باراتين تي انداڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ٽي باراتي زخمي ٿي پيا۔ فائرنگ کان پوءِ ڌاڙيل زخمي باراتين کي ڇڏي، ٻار کي ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا۔واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس موقع تي پهچي وئي ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ پوليس موجب عين شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو