ڪوئٽه: وڏي وزير سرفراز بگٽي اهلڪارن سان ملاقات، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو

ڪوئٽه: بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي رات دير سان شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي هن سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصله افزائي ڪئي.

وڏي وزير مختلف پوليس چوڪين تي اهلڪارن سان وقت گذاريو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. انهي موقعي تي صوبائي اسيمبلي ميمبر حاجي علي مدد جتڪ، صوبائي وزير صحت بخت محمد ڪاڪڙ، آغا شڪيل احمد دراني، ايم پي اي زرڪ خان مندوخيل، شير خان ناصر، حسن مير بلوچ، يوسف بنگلزئي ۽ ٻيا به وڏي وزير سان گڏ هئا.
بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي اهلڪارن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي جوانن جا حوصلا بلند آهن ۽ اهي هر قسم جي دهشتگردي ۽ بدامني کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. هن چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏنا ويندا.

مير سرفراز بگٽي واضح ڪيو ته صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن دشمن عناصر خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

پنھنجي راءِ لکو