ڪراچي ي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سڀني الزامن کان بري، گورنر سنڌ محتسب جو فيصلو کالعدم قرار ڏنو

ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي ڪم جي جاءِ تي هراسان ڪرڻ جي سڀني الزامن کان بري قرار ڏئي ڇڏيو ويو آهي.تفصيل موجب، مونس علوي صوبائي محتسب جي فيصلي خلاف گورنر سنڌ ۾ اپيل دائر ڪئي، جنهن کي گورنر سنڌ ڪمراڻ ٽيسوري منظور ڪندي صوبائي محتسب جو فيصلو کالعدم قرار ڏنو. گورنر جي فيصلي ۾ چيو ويو ته محتسب رڪارڊ تي موجود مواد جو صحيح جائزو نه ورتو.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مدعيه پاران پيش ڪيل واٽس ايپ چيٽس پيشه ورانه نوعيت جون هيون ۽ سي اي او لاءِ تعظيم وارا لفظ استعمال ڪيا ويا. ان کان علاوه، مدعيه کي مونس علوي نه پر هيومن ريسورس بورڊ ملازمت جي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ سبب برطرف ڪيو.ڪي اليڪٽرڪ هن سلسلي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. فيصلي تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي، جنهن تي هاءِ ڪورٽ ملازمت کان هٽائڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، پر جرماني جي سزا برقرار رهي.

پنھنجي راءِ لکو