پنجاب ٽريفڪ پوليس ٽي ساله ڊرائيونگ لائسنس جي فيس جون تفصيلون جاري ڪري ڇڏيون

پنجاب ٽريفڪ پوليس ٽي ساله ڊرائيونگ لائسنس جي فيس بابت تفصيلون جاري ڪندي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن ٽريفڪ قانونن تي مؤثر عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي.سرڪاري ذريعن موجب، جنوري 2026 دوران هڪ لک 24 هزار کان وڌيڪ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويا. انهن ۾ 4 لک 40 هزار کان وڌيڪ لرننگ لائسنس، 4 لک کان وڌيڪ ريگيولر ڊرائيونگ لائسنس ۽ لڳ ڀڳ 3 لک 90 هزار لائسنسن جي تجديد شامل آهي، جن ۾ لرننگ، ريگيولر ۽ انٽرنيشنل لائسنس شامل آهن.ان کان علاوه، 2 هزار 500 کان وڌيڪ شهرين گم ٿيل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ٻيهر درخواستون ڏنيون، جڏهن ته 4 هزار 500 کان وڌيڪ بين الاقوامي ڊرائيونگ پرمٽ جاري ڪيا ويا.ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنجاب محمد وقاص نذير چيو ته ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ غير قانوني آهي، جنهن تي وڏو جرمانو ۽ سخت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اي-ڊرائيونگ لائسنس جي قانوني حيثيت فزيڪل ڪارڊ جي برابر آهي.ڊرائيونگ لائسنس فيس:هڪ ساله ڪار ڊرائيونگ لائسنس جي ڪل فيس 1,980 رپيا آهي، جنهن ۾ 150 رپيا ٽيسٽ فيس، 1,350 رپيا لائسنس فيس ۽ 480 رپيا ڪوريئر چارجز شامل آهن.
جڏهن ته ٽي ساله ڊرائيونگ لائسنس جي ڪل فيس 4,680 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.پنجاب ٽريفڪ پوليس موجب، شهرين کي اي-ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو