بسنت جي پنج ڏينهن واري ميلي دوران ڊورن ۽ پتنگن جو رڪارڊ ڪاروبار، هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وڪرو

لاهور بسنت جي ميلي دوران لاهور ۾ پتنگن ۽ ڊورن جي وڪري نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا۔ پنج ڏينهن واري بسنت فيسٽيول ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڊورون ۽ پتنگون وڪرو ٿيون۔ڪائٽ فلائنگ ايسوسيئيشن جي ليگل ايڊوائزر ايڊووڪيٽ ملڪ فيضان احمد موجب پنجين ڏينهن ٻن لک کان وڌيڪ گڊا ۽ پتنگون جڏهن ته چار هزار کان وڌيڪ پنا وڪرو ڪيا ويا۔هن ٻڌايو ته ڏيڍ تاوا گڊو هڪ هزار رپين، هڪ تاوا 600 رپين ۽ پونا تاوا 350 رپين ۾ وڪرو ٿيو، جڏهن ته ٻه پيس پنا 12 کان 15 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو۔ملڪ فيضان احمد جو چوڻ هو ته پنجين ڏينهن پتنگن جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، پر ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ پتنگن ۽ ڊورن جي موجودگي برقرار رهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين ڏينهن 16 ڪروڙ، ٻئي ڏينهن 18 ڪروڙ ۽ ٽئين ڏينهن 20 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته چوٿين ڏينهن 68 ڪروڙ ۽ پنجين ڏينهن 38 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خريد و فروخت رڪارڊ ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو