ڪنڌڪوٽ: نيوٽريشن فيسٽيول پروگرام، غذائيت جي کوٽ بابت آگاهي

IRC ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪنڌڪوٽ ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، ۽ ڪائنات فائونڊيشن جي سهڪار سان نيوٽريشن فيسٽيول پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد خوراڪ ۾ غذائيت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ ڀرپور صحت جي اهميت بابت آگاهي ڏيڻ هو۔ فيستيول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ سيد علي رضا شاهه، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سيد اعجاز علي شاهه، ڊاڪٽر عادل نواز، ڊاڪٽر وويڪ ڪٽپال، ڊاڪٽر عبدالعزيز، سي اي او ڪائنات فائونڊيشن احمد بخش چنا، IRC پاران ميڊم شبانه، PPHI مان ڊاڪٽر اقرا، پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ڪنڌڪوٽ سٽي جي انفارميشن سيڪريٽري علي محمد محمداڻي، ڪميونٽي جي عورتن، بختاور گرلز اسڪول جي شاگردياڻين ۽ اسڪول مينيجمينٽ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ فيستيول دوران مختلف اين جي اوز غذائيت بابت اسٽال لڳايا، جڏهن ته بختاور اسڪول جي شاگردياڻين تقريرن ذريعي آگاهي پڻ ڏني۔ مختلف ماهرن ۽ آفيسرن خطاب ڪندي چيو ته کاڌ خوراڪ انساني صحت لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، موجوده وقت ۾ ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ 40 سيڪڙو تائين آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدرتي شيون جهڙوڪ اٽو، چانور، سبزيون ۽ ميوا استعمال ڪرڻ گهرجن۔ ان موقعي تي هيومن پپيلوما وائرس (HPV) ويڪسينيشن بابت به آگاهي ڏني وئي۔ ٻڌايو ويو ته ضلعي اندر 32 هزار کان وڌيڪ نياڻين کي ويڪسينيشن ڏني وئي آهي، جيڪا مستقبل ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچاءُ لاءِ اهم آهي۔ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي وئي ته سوشل ميڊيا تي ڦهلندڙ افواهن کي نظرانداز ڪري پنهنجي ڪميونٽي ۾ ويڪسينيشن بابت مثبت آگاهي پهچائين۔

پنھنجي راءِ لکو