اسلام آبا: هن سال حج تي وڃڻ جي خواهش رکندڙ عازمين لاءِ اهم خبر سامهون اچي وئي آهي۔ سعودي حج ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ بايو ميٽرڪ ڪرائڻ جا رڳو ٻه ڏينهن باقي آهن۔وفاقيوزارتِ مذهبي امور جي ترجمان موجب عازمين حج لاءِ 8 فيبروري تائين سعودي ويزا بايو ميٽرڪ ڪرائڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ حج ويزا جاري نه ٿي سگهندي۔ترجمان ٻڌايو ته عازمين حج سعودي ويزا بايو ايپ ذريعي گهر ويٺي بايو ميٽرڪ مڪمل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سهولت لاءِ سعودي تاشير سينٽر اڄ ۽ سڀاڻي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندا۔هن وڌيڪ چيو ته سعودي ويزا بايو ميٽرڪ کانسواءِ حج ويزا حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري عازمين فوري طور تي بايو ميٽرڪ مڪمل ڪري تصديقي اي ميل محفوظ رکن۔سعودي ويزا بايو ايپ استعمال ڪرڻ جو طريقوترجمان موجب عازمين حج کي سعودي ويزا بايو ايپ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي، جيڪا موبائل پلي اسٽور تان آساني سان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي۔ايپ تي اي ميل ذريعي رجسٽريشن، پاسپورٽ اسڪين، سيلفي ۽ ٻنهي هٿن جي آڱرين جي تصديق کانپوءِ ڪنفرميشن اي ميل موصول ٿيندي۔ مسئلن جي صورت ۾ لاڳاپيل بئنڪ برانچ کان به مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي۔عازمين جي سهولت لاءِ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ملتان ۽ ڪوئٽه ۾ 6 تاشير سينٽر قائم ڪيا ويا آهن۔
