ترلائي امام بارگاهه خودڪش حملي ۾ شهيدن جو انگ 33 ٿي ويو، 91 زخمي زيرِ علاج

اسلام آباد ترلائي امام بارگاهه تي ٿيل خودڪش حملي بابت زخمين جون تفصيلون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سانحي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو آهي۔اسپتال ذريعن موجب خودڪش حملي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، 21 ورهين جو محمد عباس مهدي، جنهن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، اڄ دم ڏئي ڇڏيو۔ عباس مهدي هڪ نجي يونيورسٽي جو شاگرد هو۔تازن انگن اکرن موجب حملي ۾ زخمي ٿيل 91 ماڻهو راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف اسپتالن ۾ زيرِ علاج آهن، جن مان 89 اسلام آباد ۽ 2 راولپنڊي جي اسپتالن ۾ داخل آهن۔ذريعن موجب پمز اسپتال مان وڌيڪ 11 زخمين کي ڊسچارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 65 زخمي اڃا تائين پمز اسپتال ۾ زيرِ علاج آهن، جن مان 24 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي۔ هينئر تائين پمز مان 55 زخمين کي گهر موڪليو وڃي چڪو آهي۔پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ 15 زخمي زيرِ علاج آهن، جن مان 5 جي حالت تشويش ناڪ آهي، فيڊرل جنرل اسپتال ۾ 4 زخمي داخل آهن ۽ 6 کي ڊسچارج ڪيو ويو آهي۔ اسلام آباد جي ٻن نجي اسپتالن ۾ 4 زخمي داخل آهن، جڏهن ته بينظير ڀٽو اسپتال راولپنڊي ۾ 2 ۽ ڪيپيٽل اسپتال ۾ هڪ زخمي زيرِ علاج آهي۔ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ترلائي امام بارگاهه خودڪش حملي ۾ هاڻي تائين 33 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن۔ گذريل ڏينهن پمز اسپتال ۾ 149 زخمي ۽ 28 لاشون آنديون ويون هيون، پولي ڪلينڪ ۾ 19 زخمي ۽ 4 لاشون، جڏهن ته فيڊرل جنرل اسپتال چڪ شهزاد ۾ 31 زخمي منتقل ڪيا ويا هئا۔

پنھنجي راءِ لکو