ايران ۾ جنوري جي مظاهرن دوران 100 شاگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق

ايران جي وزارت صحت تصديق ڪئي آهي ته جنوري مهيني ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۽ بدامني دوران گهٽ ۾ گهٽ 100 شاگرد مارجي ويا۔بي بي سي فارسي جي رپورٽ موجب ايران جي نائب وزير صحت پرتشدد مظاهرن ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مظاهرن دوران مجموعي طور 100 ماڻهو مارجي ويا۔ ٻئي طرف ايراني ميڊيڪل سسٽم آرگنائزيشن جو چوڻ آهي ته جنوري دوران ٿيندڙ مظاهرن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت لڳ ڀڳ 25 هزار ماڻهو زخمي ٿيا۔ساڳئي وقت ٽيچرز يونينز جي رابطا ڪائونسل 200 شاگردن جي نالن تي ٻڌل فهرست جاري ڪئي آهي، جن بابت دعويٰ ڪيو ويو آهي ته اهي مظاهرن دوران مارجي ويا۔ تنظيم موجب ميڊيڪل يونيورسٽين جا 8 کان 9 شاگرد اڃا تائين حراست ۾ آهن۔واضح رهي ته سال جي شروعات ۾ ايران ۾ ملڪ گير مظاهرا ٿيا هئا، جن دوران هزارين ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون۔ بهرحال، ايراني حڪومت طرفان جاري ڪيل انگ اکر انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن۔ايران ۾ انٽرنيٽ تي پابندين ۽ معلومات تائين محدود رسائي سبب انساني حقن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته حقيقي جاني نقصان سرڪاري انگن کان گهڻو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو