وزيراعظم شهباز شريف 18 فيبروري تي سرڪاري دوري تي واشنگٽن ڊي سي پهچندو، جتي هو 19 فيبروري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ’بورڊ آف پيس‘ جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو۔سفارتي ذريعن موجب اجلاس يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ منعقد ٿيندو، جنهن جو بنيادي مقصد غزه ۾ جاري جنگ بندي کي مضبوط بڻائڻ ۽ متاثر علائقن جي ٻيهر تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو به هن موقعي تي واشنگٽن جو دورو متوقع آهي، جڏهن ته هن بابت سرڪاري اعلان اڃا جاري ناهي ٿيو۔’بورڊ آف پيس‘ جي تجويز جنوري 2026 ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران پيش ڪئي وئي هئي، جنهن جي منظوري کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن بورڊ جو چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔اجلاس ۾ پاڪستان سميت سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، مصر، قطر، بحرين، ترڪي، هنگري، مراڪش، ڪوسوو، البانيا، بلغاريا، ارجنٽينا، پيراگوئي، قازقستان، منگوليا، ازبڪستان، انڊونيشيا ۽ ويتنام جا نمائندا شرڪت ڪندا۔
