ٽرمپ جو دعويٰ، ٽيرف پاليسي سان پاڪ ڀارت ايٽمي جنگ روڪي وئي

واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هن ٽيرف پاليسي ذريعي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ممڪن ايٽمي جنگ سميت ڪيترين جنگين کي روڪيو۔آمريڪي صدر پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران چيو ته جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته شروعاتي اٺ مهينا انتهائي غير محفوظ هئا، پر پوءِ هن ٽيرف پاليسي جي مدد سان اٺ وڏيون جنگيون ختم ڪرايون۔ٽرمپ موجب پاڪستان ۽ ڀارت هڪ وقت ايٽمي جنگ جي ويجهو پهچي چڪا هئا۔ هن چيو ته جيڪڏهن جنگ نه روڪجي ها ته وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿي سگهي ها۔هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف مطابق جيڪڏهن جنگ نه روڪجي ها ته تقريباً 35 ملين ماڻهو مارجي سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو