سعودي عرب ۾ پاڪستانين لاءِ نادرا جي خاص سهولت، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي فراهمي

رياض: نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين لاءِ خاص سهولت جو اعلان ڪيو آهي. هي سهولت پاڪستان جي سفارتخاني جي ٽيم سان گڏ ظهران شهر ۾ قائم ڪيمپ ۾ مهيا ڪئي ويندي.نادرا موبائل رجسٽريشن ٽيم 27 ۽ 28 فيبروري تي ظہران جي تميمي نيو ڪيمپ، ظھران ايسٽرن پراونس ۾ پاڪستاني شهرين لاءِ خدمتون مهيا ڪندي.ڪيمپ ۾ شهرين پنهنجي شناختي دستاويز، تجديد، تبديلي يا منسوخي جون سموريون ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا. سهولتن ۾ شامل آهن:ون اسمارٽ نائیکوپاسمارٽ نائیکوپ ري پرنٽنائیکوپ يا اسمارٽ نائیکوپ جي تجديدڊي يو پي ڪليئرنسنائیکوپ يا اسمارٽ نائیکوپ ۾ تبديليايف آر سينائیکوپ يا اسمارٽ نائیکوپ جي منسوخيمقامي وقت موجب صبح 7 ڳي کان 1 وڳي تائين شهرين ڪيمپ ۾ پهچي نادرا ٽيم سان رابطو ڪري سگهن ٿا.نادرا جي هي سهولت سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين لاءِ شناختي دستاويزن جي فراهمي کي آسان بڻائيندي.

پنھنجي راءِ لکو