مشرقِ وسطیٰ ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ سطح تي، ايران جا خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا

مشرقِ وسطیٰ ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ سطح تي، ايران جا خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملامنامه/تهران/تل ابيب: مشرقِ وسطیٰ ۾ صورتحال انتهائي سنگين رخ اختيار ڪري چڪي آهي، جتي ايران پاران خليجي ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ويو آهي۔ رپورٽن موجب Iran تي Israel ۽ United States جي گڏيل حملن کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ تيزي آئي آهي۔بحرین ۾ آمريڪي پنجين بحري بيڙي تي حملوذريعن مطابق Bahrain جي گادي واري شهر Manama ۾ آمريڪي بحريه جي Fifth Fleet Headquarters تي ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن جي تصديق بحريني اختيارين پڻ ڪئي آهي۔ بحرین جي گهرو وزارت شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو محفوظ هنڌن تي رهن ۽ اهم شاهراهن کان پاسو ڪن۔ڪويت، قطر، يو اي اي ۽ سعودي عرب ۾ به هاءِ الرٽاطلاعن موجب Kuwait، Qatar، United Arab Emirates ۽ Saudi Arabia ۾ به ڌماڪن ۽ سائرن جون آوازون ٻڌيون ويون آهن۔ قطري دفاعي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل دفاعي نظام ذريعي فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا۔اسرائيل ۾ به ڌماڪاايراني ميڊيا موجب اسرائيل ڏانهن ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته Tel Aviv ۽ Haifa ۾ ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون آهن۔ ايراني سينيئر عهديدار خبردار ڪيو آهي ته خطي ۾ موجود سڀ آمريڪي ۽ اسرائيلي اثاثا سندن نشاني تي آهن۔المي سطح تي ڳڻتيموجوده صورتحال سبب عالمي برادري ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي ته ان جا اثر عالمي معيشت ۽ تيل جي منڊي تي به پئجي سگهن ٿا:

پنھنجي راءِ لکو