ڪراچي: وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ فضائي حدون بندش سبب مختلف ايئر لائنز جا 3 جهاز 28 فيبروري کان ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود آهن۔ذرائع موجب 28 فيبروري تي اچانڪ فضائي حدون بند ٿيڻ سبب پاڪستان جي فضائي حدون پار ڪندڙ 27 پروازن جا جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لئندنگ ڪيا، جن ۾ ٽيڪنيڪل لئندنگ، ڊائورشن ۽ ري رُوٽ شامل هئا۔پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب عالمي هوابازي تنظيم آئڪاؤ جي هدايتن تي آپريشنل ڪرائسس ڪنٽرول (OCC) سڀني ايئرپورٽس تي فعال آهن۔ 28 فيبروري تي ڪراچي ايئرپورٽ تي 15 کان وڌيڪ جهاز ڊائورٽ ڪيا ويا، جن مان 12 روانا ٿي ويا پر 3 غير ملڪي جهاز اڃا پارڪنگ ۾ موجود آهن، جن ۾ قطر ايئر ويز، فلائي دبئي ۽ ايئر عريبيہ شامل آهن۔انهن جهازن جا سڀ مسافر 28 فيبروري کان ڪراچي جي هوٽلن ۾ رهائش پذير آهن ۽ ايئر لائنز متبادل پروازن ذريعي انهن کي منزل تائين پهچائي رهيون آهن۔ ٿائي ايئر جا 67 کان وڌيڪ مسافر چارٽرڊ جهازن ذريعي روانا ڪيا ويا۔پي اي اي ذريعن موجب غير ملڪي ايئر لائنز جي ڪراچي آمد سان پارڪنگ فيس ذريعي هزارين ڊالر آمدني حاصل ٿي آهي۔ ٻئي پاسي، پاڪستاني ايئر لائنز جا 2 جهاز ٽن ڏينهن کان يو اي اي ۾ ڦاسي پيا آهن، جن ۾ هڪ پي آءِ اي جو ايئربس 320 ۽ ٻيو ايئر سِيل جو ايئربس شامل آهي۔ضائي حدون بندش سبب اهي جهاز پاڪستان نه پهچي سگهيا ۽ اڪثر مسافر هوٽلن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن۔
