ايران آپريشن دوران آمريڪا جا 20 کان وڌيڪ جديد هٿيار سسٽم استعمال

آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمان (سينٽ ڪام) موجب ايران ۾ جاري آپريشن دوران آمريڪا فضائي، بحري، زميني ۽ ميزائل دفاعي قوتن سميت 20 کان وڌيڪ جديد هٿيار نظام استعمال ڪري رهيو آهي۔بيان موجب آمريڪا جديد بمبار ۽ ويڙهاڪ جهاز به استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ بي-1 بمبار، بي-2 اسٽيليٿ بمبار، ايف-35 لائٽننگ II، ايف-22 ريپٽر، ايف-15 ۽ اي اي-18 جي گرولر جهاز شامل آهن۔ان کان علاوه مختلف ڊرون ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ اسٽرائڪ سسٽم به استعمال ڪيا پيا وڃن، جن ۾ لو ڪاسٽ اَن مينڊ ڪمبيٽ اٽيڪ سسٽم (LUCAS) ون وي ڊرون، ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون، ايم-142 هاءِ موبيلٽي آرٽلري راڪيٽ سسٽم (هائمارس) ۽ ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل شامل آهن۔وڌيڪ اهو ته آمريڪا فضائي دفاعي نظام جهڙوڪ پيٽريوٽ، ٽرمينل هاءِ آلٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس (ٿاڊ) بيٽريون ۽ ايئربورن وارننگ اينڊ ڪنٽرول سسٽم (AWACS) جهاز پڻ استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن علائقي ۾ دفاعي برتري برقرار رکي سگهجي۔آمريڪي جهاز بردار بحري ٻيڙا USS Abraham Lincoln ۽ USS Gerald R. Ford ايران تي حملن جي شروعات وقت وچ اوڀر ۾ موجود هئا، جيڪي بحري آپريشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔سينٽ ڪام موجب آپريشن جو مقصد علائقي ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ۽ دفاعي حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته صورتحال اڃا به ڇڪتاڻ واري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو