واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) — ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي بروقت حملو نه ڪندو ته ايران تمام جلد ايٽم بم حاصل ڪري وٺندو. صدر ٽرمپ چيو ته ايران ۾ هاڻي جيڪو به ليڊر بڻجڻ چاهي ٿو، ان جو انجام صرف موت آهي.
واشنگٽن ۾ گول ميز ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ چيو ته ايران خلاف جاري فوجي ڪارروايون آمريڪي تاريخ جي وڏي ڪاميابي آهن ۽ آمريڪا هن وقت جنگي ميدان تي مڪمل طور تي مضبوط پوزيشن ۾ آهي.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران جي قيادت تيزي سان ختم ٿي رهي آهي ۽ ملڪ هاڻي مڪمل طور تي آمريڪي ڪنٽرول هيٺ اچي رهيو آهي. هن چيو ته ايران جا ميزائل ۽ لانچرز ڪاميابي سان تباهه ڪيا ويا آهن ڇو ته ايران پنهنجي پاڙيسرين ۽ آمريڪي اتحادي ملڪن لاءِ مسلسل خطرو بڻجي رهيو هو.
صدر ٽرمپ اڳوڻي صدر اوباما جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته نيڪليئر ڊيل ذريعي ايران کي سڀ ڪجهه مهيا ڪري ڇڏيو ويو، جيڪو بدترين ڊيل هئي. هن زور ڏنو ته جيڪڏهن بروقت حملو نه ڪيو وڃي ها ته “پاگل ماڻهن” وٽ ايٽم بم هئڻ سڄي دنيا لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿئي ها.
پنهنجي فوجي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي هن چيو: “مون کان پڇيو ويو ته مان پنهنجي ڪارڪردگي کي 10 مان ڪيترا نمبر ڏيان؟ مون چيو ته مان پاڻ کي 15 نمبر ڏيان ٿو.”
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي رهيو هو، تنهن ڪري آمريڪا اڳ ۾ ئي حملو ڪري کيس دفاعي پوزيشن ۾ ڌڪيو، ته جيئن علائقي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.
