ڪراچي ۾ ٽي مهينا اڳ سول اسپتال مان اغوا ٿيل ٻار کي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته اغوا ۾ ملوث مڙس ۽ زال کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔تفصيلن موجب ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي سول اسپتال مان اغوا ٿيل ٻار کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو۔يس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب ڪارروائي گارڊن واري علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي پوليس اغوا ۾ ملوث مڙس ۽ زال کي گرفتار ڪيو۔گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ علي ۽ سندس زال قرت العين طور ٿي آهي، جن ٽي مهينا اڳ سول اسپتال ڪراچي مان ‘اذان’ نالي ٻار کي اغوا ڪيو هو۔ٻار جي بازيابي لاءِ ايس ڊي پي او عيدگاهه ظفر پٺاڻ جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ايس ايچ او عيدگاهه ۽ ايس ايچ او گارڊن پڻ شامل هئا۔ٽيم ٽن مهينن کان ڪيس تي مسلسل محنت ڪندي حڪمت عملي سان جوابدارن تائين پهچي ٻار کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو۔ايس ايس پي عارف عزيز چيو ته پوليس جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس معلومات استعمال ڪندي معصوم ٻار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔
