**پيٽروليم بحران: پنجاب جي وزيرن لاءِ سرڪاري فيول بند، آفيسرن جي الائونس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي**
لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پيٽروليم بحران جي پيش نظر صوبي ۾ غير معمولي بچت وارا قدم کڻندي وزيرن لاءِ سرڪاري فيول بند ڪرڻ ۽ سرڪاري آفيسرن جي پيٽرول ۽ ڊيزل الائونس ۾ 50 سيڪڙو فوري گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعليٰ هدايت جاري ڪئي آهي ته پيٽروليم بحران ختم ٿيڻ تائين پنجاب جي صوبائي وزيرن کي سرڪاري فيول فراهم نه ڪيو ويندو، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن جي گاڏين لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل الائونس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔
ان کان علاوه صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سان گڏ هلندڙ پروٽوڪول گاڏين تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ وزيراعليٰ موجب سيڪيورٽي جي ضرورت تحت صرف هڪ گاڏي وزير يا اعليٰ آفيسر سان گڏ هلڻ جي اجازت هوندي۔
حڪومت پنجاب سرڪاري آفيسن ۾ “ورڪ فرام هوم” پاليسي پڻ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت صرف ضروري عملي کي آفيس اچڻو پوندو جڏهن ته ٻيا ملازم گهران ڪم ڪندا۔ شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اي بزنس ۽ “مريم جي دستڪ” تحت خدمتون جاري رهنديون۔
ان کان علاوه سرڪاري معاملن لاءِ آن لائن اجلاس ۽ ٽيلي ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته سرڪاري آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ هارس اينڊ ڪيٽل شو جو ثقافتي ميلو به ملتوي ڪيو ويو آهي۔
وزيراعليٰ پيٽروليم شين جي نگراني لاءِ ضلعي سطح تي پيٽروليم مانيٽرنگ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته پي آءِ بي کي پيٽروليم شين لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تيار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي۔
**پس منظر**
حڪومت پنجاب موجب اهي قدم ملڪ ۾ جاري پيٽروليم بحران ۽ جنگ سبب پيدا ٿيندڙ معاشي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن ته جيئن ايندھن جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ وسيلن جي بهتر نگراني يقيني بڻائي سگهجي۔
