سلامتي ڪائونسل ۾ ايران خلاف قرارداد منظور، پاڪستان حمايت ۾ ووٽ ڏنو

اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران پاران خليجي ملڪن تي ٿيل حملن خلاف پيش ڪيل قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي آهي۔تفصيل موجب ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي مذمت لاءِ هي قرارداد بحرين طرفان پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جي ملڪن ۽ اردن تي ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي۔سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 13 قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته پاڪستان پڻ قرارداد جي حمايت ڪندي ايران جي حملن جي مذمت ڪئي۔ٻئي پاسي روس ۽ چين ايران خلاف ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو۔قرارداد ۾ ايران کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فوري طور خليجي ملڪن تي حملا بند ڪري، علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي ۽ بين الاقوامي قانونن جي پابندي ڪري۔بحرين پاران پيش ڪيل هن قرارداد کي عالمي سطح تي لڳ ڀڳ 135 ملڪن جي اخلاقي حمايت پڻ حاصل رهي، جڏهن ته قرارداد ۾ چيو ويو ته علائقي جي اقتصادي مرڪزن ۽ خودمختياري تي حملا ناقابل قبول آهن۔

پنھنجي راءِ لکو