بيجنگ: چين جي مشهور تجزيه نگار ۽ پروفيسر شوڪن جيانگ آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ تڪرار بابت نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هي جنگ مستقبل ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي۔پرڏيهي ميڊيا موجب ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ جنگ کي ٻارهن ڏينهن گذري چڪا آهن، جنهن دوران ٻنهي ڌرين کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي۔ سخت بيانن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هي جنگ ڊگهي عرصي تائين جاري رهي سگهي ٿي۔پروفيسر شوڪن جيانگ، جن کي ڪجه حلقا “چين جو نوسٽراڊيمس” به سڏين ٿا، چيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مقصد صرف ايران کي شڪست ڏيڻ نه پر ممڪن آهي ته مارچ 2027 تائين مڪمل زميني حملي جي تياري به هجي۔سندس چوڻ آهي ته ٽرمپ هن جنگ کي پنهنجي سياسي طاقت مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا۔ بهرحال هن خبردار ڪيو ته آمريڪا کي هن جنگ ۾ ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمريڪي فوج جديد دور جي غير روايتي يا “ايسيميٽرڪ وارفيئر” لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي۔پروفيسر جيانگ تاريخي مثال ڏيندي 415 قبل مسيح جي “سسيلين مهم” جو حوالو ڏنو، جتي ايٿنز جي طاقتور فوج مخالفن کي ڪمزور سمجهڻ سبب شڪست کاڌي هئي۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وئي ته ٽرمپ هنگامي جنگي اختيار استعمال ڪندي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا ۽ ممڪن طور ٽئين صدارتي دور لاءِ رستو هموار ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪن، جڏهن ته آمريڪي آئين جي 22هين ترميم تحت اهڙو قدم ممڪن ناهي
