لاهور سميت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب اليڪٽرڪ بائيڪن جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي. شهري هاڻي پراڻين موٽر سائيڪلن کي اليڪٽرڪ بائيڪ ۾ تبديل ڪرائي ايندھن جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ماهرن ۽ دڪاندارن موجب عام طور تي هڪ اليڪٽرڪ بائيڪ مڪمل چارج ٿيڻ بعد تقريباً 60 ڪلوميٽر تائين سفر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ان جي رفتار به لڳ ڀڳ 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي.
اليڪٽرڪ بائيڪ جو وڏو فائدو اهو آهي ته ان ۾ پيٽرول يا موبل آئل جي ضرورت نه پوي ٿي. ان کان علاوه روايتي موٽر سائيڪل جيان بار بار ٽيُوننگ، چين يا اسپرڪيٽ تبديل ڪرڻ جي به ضرورت گهٽ پوي ٿي، جنهن ڪري سار سنڀال جا خرچ به گهٽجي وڃن ٿا.
مارڪيٽ ذريعن موجب جيڪڏهن پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو اهڙي طرح جاري رهيو ته مستقبل ۾ اليڪٽرڪ بائيڪن جو استعمال وڌيڪ عام ٿيڻ جو امڪان آهي.
