ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 5.2 رڪارڊ

ڪراچي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات دير سان زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
زلزلي ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ان جي کوٽائي 12 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز سونمياڻي ويجهو ۽ ڪراچي کان لڳ ڀڳ 87 ڪلوميٽر اتر اولهه ٻڌايو ويو آهي۔اطلاعن موجب جهٽڪا رات 12 وڳي 51 منٽن تي محسوس ڪيا ويا۔ ڪراچي جي علائقن ڪلفٽن، صدر، سائيٽ ايريا، ڊي ايڇ اي فيز 8، پي اي سي ايڇ ايس، شاهه فيصل ڪالوني، لياقت آباد ۽ بفر زون ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا۔
زلزلي کانپوءِ ڪيترائي شهري خوف سبب گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمو طيبہ پڙهندا رهيا۔خوشقسمتي سان هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي۔

پنھنجي راءِ لکو