چوهانگ ۾ نوجوان جي قتل جو معمو حل، مڙس ۽ زال گرفتار

چوهانگ ۾ پنج مهينا اڳ 28 ورهين جي نوجوان مدثر حسين جي قتل جو معمو حل ٿي ويو آهي. انچارج انويسٽيگيشن ٿاڻي چوهانگ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي مرڪزي ملزم ۽ سندس زال کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايس پي انويسٽيگيشن صدر عبداللہ عمران چيما موجب مقتول مدثر حسين ۽ مرڪزي ملزم جي زال وچ ۾ مبينا لاڳاپا هئا. ان ڳالهه جو رنج رکندي مڙس ۽ زال گڏجي قتل جو منصوبو ٺاهيو.
پوليس موجب منصوبي تحت عورت مدثر حسين کي ملڻ جي بهاني گهر گهرايو ۽ کيس بوتل ۾ زهريلو “ڪارو پٿر” ملائي پياري ڇڏيو. زهريلو مشروب پيئڻ کان پوءِ مدثر حسين جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ هو ٻه ڏينهن اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي آخرڪار فوت ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ جاچ جي مدد سان ملزمن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي، جنهن بعد ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو