سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايف جو اهم ڪارڪن گرفتار

ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪامياب ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي هڪ اهم ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد وٽان 30 بور پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن۔

ترجمان موجب ابتدائي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته ملزم جا لاڳاپا پاڙيسري ملڪ سان آهن، جتي هن تخريبڪاري ۽ آءِ اي ڊي لڳائڻ جي باقاعده تربيت حاصل ڪئي هئي۔

سي ٽي ڊي موجب ملزم ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ۾ حساس تنصيبات تي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ريڪي ڪري رهيو هو ۽ هن شهر ۾ هڪ پوليس آفيسر جي ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ به ريڪي ڪئي هئي۔

سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد جعفر ايڪسپريس حملي ۾ مارجي ويل بي ايل اي جي ڪارندي ظفر عرف ماما جو ساٿي ۽ ڀاڻيجو آهي۔ ملزم کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته وڌيڪ اهم انڪشافات ۽ نيٽ ورڪ جي ٻين ماڻهن جون گرفتاريون به عمل ۾ اينديون۔

پنھنجي راءِ لکو