ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي جي صحت ۽ موجوده جڳهه بابت مختلف افواهون سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته ايراني اختيارين سندس حالت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي۔ڪويتي اخبار “الجريده” پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مجتبیٰ خامنہ اي 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ زخمي ٿيو، جنهن کان پوءِ کيس ڳجهي نموني علاج لاءِ روس جي گادي واري شهر سڪو منتقل ڪيو ويو۔رپورٽ موجب کيس روسي فوجي جهاز ذريعي تهران کان ماسڪو آندو ويو، جتي سندس سرجري پڻ ڪئي وئي ۽ هاڻي هو محفوظ طبي مرڪز ۾ علاج هيٺ آهي۔ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته روسي صدر ولاديمير پوتن ايراني صدر مسعود پيزشڪيان سان ڳالهه ٻولهه دوران کيس روس موڪلڻ جي صلاح ڏني هئي۔ٻين ذريعن موجب خامنہ اي جي پير ۾ فريڪچر ۽ چهري ۽ اک جي ڀرسان زخم آهن، جڏهن ته سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي۔ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بگھائي چيو آهي ته هو زخمي ضرور آهي پر سندس حالت مستحڪم آهي، جڏهن ته سندس پهرين عوامي خطاب بابت اڃا ڪا حتمي ڄاڻ ناهي ڏني وئي۔واضح رهي ته انهن سڀني خبرن جي آزاد تصديق نه ٿي سگهي آهي ۽ ايران طرفان مڪمل تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا۔
