ڪراچي: عيد ملهائڻ لاءِ گهر ويندڙ هڪ محنت ڪش کي نامعلوم هٿياربندن سندس پٽ آڏو فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب اهو واقعو سپر هاءِ وي تي جمالي پل ڀرسان پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي نشانو بڻايو۔مقتول جي سڃاڻپ رحيم بخش طور ٿي آهي، جيڪو ڪراچي ۾ ڊرائيونگ ڪري پنهنجي خاندان جي روزي ڪمائيندو هو۔ هو پنهنجي پٽ سان گڏ عيد ملهائڻ لاءِ سکر وڃي رهيو هو۔مقتول جي پٽ موجب هو بس اڏي تي پهچڻ کان اڳ جمالي پل وٽ چشمو وٺڻ لاءِ بيٺا هئا ته اوچتو ٻه موٽر سائيڪل سوار آيا ۽ فائرنگ ڪئي۔ هڪ گولي رحيم بخش جي سيني ۾ لڳي جيڪا جان ليوا ثابت ٿي۔پٽ جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه هئي ۽ هو محنت ڪري گذر سفر ڪند هئا۔مقتول جي وارثن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته قتل جا ڪارڻ اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن۔ اختيارين جاچ ڪري رهيا آهن ته واقعو ڦر جي مزاحمت جو نتيجو آهي يا ڪنهن ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي۔
