تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي دعويٰ ڪئي آهي ته تجارتي سامونڊي گذرگاهه آبنائي هرمز بند ناهي۔
پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي چيو آهي ته آبنائي هرمز معمول موجب کليل آهي، جڏهن ته جهاز راني ۾ جيڪا هچڪچاهٽ نظر اچي رهي آهي، اها جنگي صورتحال سبب انشورنس ڪمپنين جي خوف جي ڪري آهي، نه ته ايران جي ڪنهن ڪارروائي سبب۔
هن چيو ته نه ڪا انشورنس ڪمپني ۽ نه ئي ڪو ايراني وڌيڪ ڌمڪين کان مرعوب ٿيندو۔ جيڪڏهن تجارتي اصولن جو احترام نه ڪيو ويو ته ان جا نتيجا به ساڳي نوعيت جا هوندا۔
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سامونڊي رستن تي آزادانه اچ وڃ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن واپار جي آزادي ۽ بين الاقوامي اصولن جو احترام ڪيو وڃي۔
عباس عراقچي اهو به چيو ته ايران آمريڪا سان ڳالهين جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن۔ سندس چوڻ هو ته آمريڪا اڳ به ڳالهين جي نالي تي ايران کي بدترين دوکو ڏنو آهي، هاڻي آمريڪا تي اعتماد جي ڪا به گنجائش باقي ناهي رهي۔
