ڪراچي (ويب ڊيسڪ): عالمي مارڪيٽ ۽ مقامي سطح تي سون جي اگهه ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس اگهه ۾ 436 ڊالر جي نمايان گهٽتائي ٿي، جنهن بعد في اونس قيمت 4250 ڊالر ٿي وئي۔ هن وڏي گهٽتائي جا اثر پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ تي به سڌي طرح پيا۔
پاڪستان ۾ في توله سون 43 هزار 600 رپيا سستو ٿي 4 لک 47 هزار 762 رپين تي اچي ويو، جيڪا گذريل چار مهينن جي سڀ کان گهٽ سطح آهي۔ ساڳئي حساب سان 10 گرام سون جي قيمت ۾ 37 هزار 380 رپين جي گهٽتائي ٿي ۽ نئين قيمت 3 لک 83 هزار 833 رپيا ٿي وئي۔
چاندي جي اگهه ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ في توله چاندي 800 رپيا سستي ٿي 6 هزار 884 رپيا ٿي وئي۔
واضح رهي ته پاڪستان ۾ اڄ 23 مارچ جي حوالي سان عام موڪل آهي، جڏهن ته عيد جو ٽيون ڏينهن هجڻ سبب گهڻيون مارڪيٽون بند آهن۔ عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن في توله سون جي قيمت 8 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي سان 4 لک 91 هزار 362 رپيا ٿي وئي هئي۔
ماهرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ هن وڏي تبديلي جا اثر مقامي مارڪيٽ تي سڌي طرح ظاهر ٿيا آهن۔ سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي ۽ افراطِ زر يا سياسي ۽ معاشي غير يقيني حالتن ۾ ان جي طلب وڌي ويندي آهي۔
ياد رهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن تحت عالمي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ قيمت مقرر ڪئي وڃي ٿي۔
