اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايران تي مسلط جنگ روڪڻ لاءِ پاڪستان فریقين جي وچ ۾ ثالثيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
برطانوي رسالي Financial Times جي رپورٽ موجب، فیلڊ مارشل عاصم منير اتوار تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شہباز شریف ايراني صدر مسعود پزشکیان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، مصر ۽ ترڪي جا وزيرخارجہ پڻ آمريڪي نمائندي وٽڪوف ۽ عراقي وزيرخارجہ عباس عراقچي سان رابطن ۾ رهيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وائٽ هائوس ٽرمپ جي مذاڪرات بابت تفصيل ظاهر نه ڪيا، پر چيو ته سفارتي سطح تي هي ڳالھ ٻولھ انتهائي حساس معاملو آهي.
دفترخارجہ جي ترجمان موجب، اسحاق ڊار ايران ۽ ترڪي جي وزيرخارجہ سان ٽيليفون تي رابطو ڪري خطي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تبادلو خيال ڪيو ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڳالهه ٻولھ ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو.
اسحاق ڊار چيو ته مسئلن جو حل صرف ڳالهه ٻولھ ذريعي ممڪن آهي ۽ ٻنهي وزيرن مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ بدلجندڙ صورتحال تي ويجهڙائيءَ سان ڪم ڪرڻ تي متفق ٿيا.
ان کان اڳ، اسحاق ڊار پنهنجي ترڪي هم منصب خاقان فدان سان فون تي ڳالهه ٻولھ ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال ۽ جديد پيش رفت جو جائزو ورتو ۽ آمريڪي صدر جي جنگ بندي ۾ عارضي وقفي جي اعلان تي پڻ ڳالھ ڪئي.
