تهران / واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا جي 15 نڪاتي امن منصوبي جي جواب ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پنهنجا 6 مطالبا آمريڪا آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪي اخبار The Wall Street Journal موجب، ايران آمريڪي تجويز جي جواب ۾ پنهنجون شرطون واضح ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي جنگ بندي ۽ علائقي ۾ امن سان لاڳاپيل آهن.
رپورٽ مطابق، Islamic Revolutionary Guard Corps (پاسدارانِ انقلاب) جو پهريون مطالبو آهي ته مستقبل ۾ ٻيهر جنگ يا جارحيت نه ٿيڻ جي واضح ۽ قابلِ عمل بين الاقوامي ضمانت ڏني وڃي.
ٻي شرط ۾ ايران مطالبو ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ موجود سڀئي آمريڪي فوجي اڏا مڪمل طور تي بند ڪيا وڃن.
ٽئين شرط موجب آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجي فوجي پوزيشنن تان پوئتي هٽن ۽ جنگ دوران ايران کي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو مڪمل ازالو ڪن.
چوٿين شرط ۾ ايران مطالبو ڪيو آهي ته رڳو ايران ئي نه، پر سڀني علائقائي محاذن جهڙوڪ لبنان، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ جاري جنگي ڪارروايون به مڪمل طور ختم ڪيون وڃن.
پنجين شرط طور ايران آبنائے هرمز تي ڪنٽرول ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حق گهريو آهي، گڏوگڏ جهاز راني ۽ سلامتي لاءِ نئون بين الاقوامي قانوني نظام لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪو ايران جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.
ڇهين ۽ آخري شرط ۾ ايران مطالبو ڪيو آهي ته ايران خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ ميڊيا سرگرمين کي روڪيو وڃي ۽ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين لاڳاپيل ملڪن مان نيڪالي ڏني وڃي.
