راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): چين جو بحري جهاز ‘داچنگ’ پاڪستان پهچي ويو آهي، جيڪو پاڪستاني بحريه سان گڏ ٻطرفي بحري مشقن جي چوٿين مرحلي “سي گارڊين” ۾ حصو وٺڻ لاءِ آيو آهي. مشقون 25 مارچ کان 2 اپريل تائين جاري رهنديون.
آئي ايس پي آر موجب مشقون ٻن مرحلن ۾ ورهائجي ويون آهن: ‘هاربر’ ۽ ‘سمندري’. مشق جو مقصد ٻنهي بحري فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ، پيشاورانه مهارتن جو ڏي وٺ ۽ گڏيل آپريشنل صلاحيتن ۾ اضافو آهي.
مشقن ۾ هاربر ۽ سمندري سرگرميون شامل آهن، جن ۾ گنري فائرنگ، گڏيل گشت، ميرٽائم سيڪيورٽي آپريشنز ۽ نوجوان آفيسرن جا سيمينار پڻ آهن.
آئي ايس پي آر موجب هي مشقون پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽيجڪ شراڪتداري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقي ۾ محفوظ ۽ مستحڪم بحري ماحول قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
