وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 100 ارب روپين جي ڪٽوتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – وفاقي حڪومت ملڪي مالياتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وفاقي ترقياتي بجيٽ مان 100 ارب روپين جي وڏي ڪٽوتي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال انهي ڪٽوتي جي باضابطه تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت طرفان پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

ذرائع موجب پي ايس ڊي پي ۾ شامل سمورن ترقياتي منصوبن جي بجيٽ مان 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، جنهن سبب گڏيل حجم هڪ هزار ارب روپين کان گهٽ ٿي ويو آهي. هاڻ هلندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ 900 ارب روپيه تي محدود ٿي ويو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان هي قدم ڪفايت شعاري مهم ۽ مالياتي استحڪام کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي. ياد رهي ته حڪومت عالمي مارڪيٽ موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 72 ارب روپين جي سبسڊي اڳ ئي فراهم ڪري چڪي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي تازو خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوام تي پيٽروليم شين جو بار منتقل ڪرڻ جي بجاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. حڪومت انهي حڪمت عملي تحت مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو