صوبائي گادي واري شهر لاهور جي ليڊي ولنگڊن اسپتال ۾ طبي اخلاقيات جي سنگين ڀڃڪڙي جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد صحت کاتي پنجاب فوري ڪارروائي ڪندي چار ليڊي ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي۔
ذريعن موجب آپريشن ٿيٽر ۾ مبينا طور ليڊي ڊاڪٽرن وچ ۾ مقابلو شروع ٿيو ته ڪير پهرين آپريشن مڪمل ڪري ٿو۔ هن عمل دوران نه رڳو عورت مريضن جي حياتي کي خطري ۾ وڌو ويو، پر سڄي ڪارروائي جي وڊيو پڻ ٺاهي وئي، جيڪا مريض جي وقار ۽ طبي ضابطن جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏني پئي وڃي۔
سيڪريٽري صحت پنجاب عظمت محمود واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر طيبه فاطمه، ڊاڪٽر ماهم امين، ڊاڪٽر زينب طاهر ۽ ڊاڪٽر عائشه افضل کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن۔ سڀني معطل ڊاڪٽرن کي اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
صحت کاتي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فرح انعام ۽ ايڇ او ڊي پروفيسر ڊاڪٽر عظميٰ حسين کان به ٽن ڏينهن اندر لکت ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي آهي۔ سيڪريٽري صحت موجب هي واقعو طبي اخلاقيات جي سنگين توهين آهي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔
صوبائي وزير صحت خواجه سلمان رفيق واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي انتظامي ناڪامي قرار ڏنو آهي۔ صحت کاتي واضح ڪيو آهي ته اسپتال جي ايس او پيز تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ غير تسلي بخش جواب جي صورت ۾ وڌيڪ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي۔
