اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)چين پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو آهي۔
تفصيلن موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران خطي جي مجموعي صورتحال ۽ باهمي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن جي قيام ۽ سفارتي لاڳاپن جي واڌاري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔ اسحاق ڊار چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين لاءِ سهولتڪاري پاڪستان جي اصولي مؤقف جي عڪاسي ڪري ٿي۔ چيني پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي شروعات کي ڀليڪار ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو۔
پاڪستان ۽ چين پنهنجي پراڻي اسٽرٽيجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔ ٻنهي ملڪن اهو به عزم ظاهر ڪيو ته گڏيل قومن سميت سڀني عالمي فورمن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ۽ هم آهنگي جاري رکي ويندي۔
ڳالهه ٻولهه دوران فوري جنگبندي، ڳالهين جي بحالي ۽ عام شهرين جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو۔ ٻنهي اڳواڻن سامونڊي رستن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري کي عالمي امن لاءِ ناگزير قرار ڏنو۔
رابطي دوران افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار امن لاءِ گڏيل ڪوششن جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔
چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي سفارتي قدمن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي۔
