لاھور جنرل اسپتال: 3 مهينن جي ٻار جي زندگي بچائي وئي

لاھور (ويب ڊيسڪ): لاھور جنرل اسپتال جي ڊاڪٽرن 3 مهينن جي معصوم ٻار علي زين جي معدي مان لوهي واشل ڪڍي سندس زندگي بچائي.

اسپتال انتظاميا موجب ٻار کي گذريل 10 ڏينهن کان بخار ۽ کنگهه هئي، ۽ نجِي ڪلينڪ ۾ علاج باوجود به حالت بگڙندي وئي. جڏهن ٻار جنرل اسپتال آندو ويو، ايڪس ري ۾ معلوم ٿيو ته معدي ۾ ‘فارن باڊي’ موجود آهي.

پروفيسر محمد شاهد جي نگراني هيٺ اسسٽنٽ پروفيسر حوريه رحمان انڊوسڪوپي ذريعي لوهي واشل ڪڍي ورتي، ۽ ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت نه پئي.

هن ڪامياب پروسجر تي پرنسپل پروفيسر فاروق افضل ۽ ايم ايس پروفيسر ڊاڪٽر فرياد حسين ڊاڪٽرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي پيشه ورانه مهارت کي اسپتال لاءِ اعزاز قرار ڏنو.

پنھنجي راءِ لکو