تهران ۾ قطري چينل جي عمارت تي اسرائيلي حملو، نشريات بند

قطري نيوز چينل Al Araby TV دعويٰ ڪيو آهي ته Tehran ۾ ان جي عمارت تي اسرائيلي ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن سبب آفيس کي سخت نقصان پهتو ۽ سڌي نشريات معطل ٿي ويون۔چينل سماجي ميڊيا پليٽفارم X تي ٻڌايو ته حملي کانپوءِ عمارت اندر ۽ ٻاهر وڏي پيماني تي تباهي ڏسڻ ۾ آئي۔وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ٽٽل شيشا، ملبو ۽ ويجهن عمارتن کي ٿيل نقصان واضح نظر اچي رهيو آهي۔
ٻئي طرف Israel Defense Forces طرفان هن واقعي تي اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو۔ايراني ميڊيا موجب حملي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق ناهي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو